ڪولمبو ٽيسٽ جو ٻيو ڏينهن برسات جي ور چڙهي ويو

ڪولمبو: پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند ختم ڪئي وئي آهي.
برسات کان اڳ پاڪستان پهرين اننگز ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهي ورتيون هيون جنهن کانپوءِ پاڪستان سريلنڪا خلاف پهرين اننگز ۾ ٻارنهن رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند برسات سبب ڏهن اوورن تائين محدود رهي جنهن دوران عبدالله شفيق 87 ۽ بابر اعظم 28 رنسون ناٽ آئوٽ رهيو.
گذريل ڏينهن شان مسعود 51 ۽ امام الحق 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا هئا، سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنينڊو ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
سريلنڪا جي پهرين اننگز
گذريل ڏينهن سريلنڪن ڪپتان ديموٿ ڪرونارتني ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو فائديمند ثابت نه ٿيو ۽ سموري سريلنڪن ٽيم پهرين اننگز ۾ 166 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
9 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اوپنر نشان مدوشڪا چاررنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، ان کانپوءِ ڪشال مينڊس به 6 ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
سريلنڪا طرفان ڌننجيا ڊي سلوا هڪ ڀيرو وري ٽاپ اننگز کيڏي هو 57 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو، دنيش چنديمل 34 ۽ رجيٿا مينڊس 27 رنسن ٺاهي نمايان رهيو.
پاڪستان طرفان ابرار احمد چار، نسيم شاهه ٽي ۽ شاهين آفريدي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڪولمبو ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ برسات سبب دير سان شروع ٿي، پاڪستان ٽيم پنهنجي اسڪواڊ ۾ ڪائي تبديلي ناهي ڪئي جڏهن ته سريلنڪا طرفان بالر دلشان مادو شناڪا ٽيم ۾ ڊيبيو ڪري رهيو آهي، انکانسواءِ ٽيم ۾ اسيٿا فرنينڊو کي شامل ڪيو ويو آهي.