تحريڪ انصاف مان نيڪالي مليل پرويز خٽڪ نئين پارٽي ٺاهي ورتي

تحريڪ انصاف مان نيڪالي مليل پرويز خٽڪ پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز پارٽي ٺاهي ورتي

 خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان سميت 57 اڳوڻا اسيمبلي ميمبر نئين جماعت ۾ شامل ٿي ويا آهن

ذريعن موجب نون ليگ پرويز خٽڪ کي پنهنجي جماعت ۾ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو

پرويز خٽڪ نون ليگ جي انڪار بعد پنهنجي ڌار پارٽي ٺاهي ورتي

تحريڪ انصاف پاران پرويز خٽڪ کي پارٽي ميمبرز کي پي ٽي آءِ ڇڏڻ لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ نيڪالي ڏني وئي هئي