سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ مٿان پابندي واري درخواست تي اعتراض لڳائي ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار پي ٽي آءِ مٿان پابندي واري درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي

اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته مدعي پنهنجي درخواست ۾ آرٽيڪل 184/3 جون گهرجون پوريون نه ڪيون آهن ۽ اهو واضح ناهي  ڪيو ته پي ٽي آءِ مٿان پابندي آرٽيڪل 184/3 جي زمري ۾ ڪيئن اچي ٿي.

رجسٽرار چيو ته درخواست گذار ڪنهن ٻئي فورم سان رابطو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي اها نشاندهي ڪئي آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي مفاد عامه جو معاملو ڪيئن آهي. اهو به اعتراض ڪيو ويو ته درخواست ۾ وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير کي آرٽيڪل 248 جي تحت ڌر نٿو بڻائي سگهجي.

ياد رهي ته تحريڪ استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ عون چوڌري طرفان اها درخواست داخل ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ هن رياست ۽ ملڪي ادارن  خلاف سرگرمين تي پي ٽي آءِ مٿان پابندي جي استدعا ڪئي هئي.