اسٽيٽ بينڪ پاران 75 روپين جو نئون يادگار نوٽ جاري

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پنهنجي 75هين سالگره جي موقعي تي 75 روپين جو نئون يادگار نوٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته اڄ تاريخي ڏينهن آهي ۽ ان حوالي سان 75 روپين جون نئون يادگار نوٽ جاري ڪري رهيا آهيون.

اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل نئين 75 روپين جي نوٽ جي فرنٽ تي قائد اعظم جڏهن ته پٺيان فاطمه جناح جي تصوير موجود آهي. جڏهن ته نوٽ تي متبادل توانائي جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ ونڊ مل ۽ سولر پينل ٺاهيا ويا آهن.

واضح رهي ته نوٽ تي خطاطي سان ٺهيل اسٽيٽ بينڪ جي عمارت به موجود آهي. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر وڌيڪ چيو ته بينڪ جو سپروائيزري فريم ورڪ مضبوط آهي. ٽيڪنالاجي تي فوڪس ڪري رهيا آهيون ان کان علاوه اسان جو ڌيان آٽوميشن طرف به آهي ڇو ته آٽو ميشن سان وقت جي ڪافي بچت ٿيندي آهي.

  • شيئر