اولمپڪ تائين پهتل جهڏو واسڻ ثنا ڪپري ٻين ڇوڪرين لاءِ مثال بڻجي وئي

زنجيرن مان آزاد ٿي اولمپڪ تائين پهتل جهڏو واسڻ ثنا ڪپري ٻين ڇوڪرين لاءِ مثال بڻجي وئي، سوشل ميڊيا تي سندس ساراهه ڪئي پئي وڃي

ثنا ڪپري کي دماغي بيماري سبب وارثن زنجير هڻي گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي هڪ ٽيم ثنا ڪپري جا زنجير هٽائي کيس گيمز جي لاءِ تربيت ڏني

جهڏو جي نياڻي ثنا ڪپري اسپيشل اولمپڪ ورلڊ گيمز ۾ ڪو ميڊل ته نه کٽيو پر دليون ضرور کٽي آئي، ثنا اولمپڪ گيمز جي ٽارچ کڻندڙ 7 ايٿليٽس ۾ شامل هئڻ جو اعزاز به ماڻيو، ثنا ڪپري 4 سئو ميٽرز جي ڊوڙ وارن مقابلن ۾ ڪوارٽر فائينل تائين پهتي

ثنا ڪپري جي ڪهاڻي برلن ۾ ٿيل اسپيشل اولمپڪس ورلڊ گيمز ۾ سڀني کي متاثر ڪيو، ثنا ڪپري سميت پاڪستان جي ٽن اسپيشل ايٿليٽس تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري فلم “ايز فار ايز دَي ڪين رَن” جي برلن ۾ اسڪريننگ به ٿي، ثنا ڪپري تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري کي آسڪر ايوارڊز جي لاءِ شارٽ لسٽ به ڪيو ويو

Sana Kapriwho reached the Olympics