پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي مني لانڊرنگ ڪيس مان ضمانت منظور

لاهور: اسپيشل سينٽرل ڪورٽ لاهور ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو. هن پنهنجي وڪيل جي حوالي سان ضمانت جي درخواست اسپيشل ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هئي.

اسپيشل سينٽرل عدالت اڳوڻي وڏي وزير جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چوڌري پرويز الاهي جي 10 هزار روپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

ياد رهي ته ان کان اڳ  پي ٽي آءِ صدر ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ضمانتون منظور ٿيڻ کان پوءِ به عدالت مان ٻين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.