گم ٿيل ٽائٽن آبدوز ۾ آڪسيجن فراهمي ختم ٿيڻ جو خدشو

واشنگٽن: اونهي سمنڊ ۾ ٽائي ٽينڪ جي ملبي ڏانهن سفر دوران گم ٿيندڙ آبدوز جي ڳولا وڌيڪ شدت اختيار ڪري وئي، ڇو ته امدادي ادارن کي خدشو آهي ته ٽائٽن ۾ آڪسيجن جي فراهمي امڪاني طور ختم ٿي وئي هوندي.
آمريڪي ڪوسٽ گارڊ اختيارين جو اندازو آهي ته ٽائٽن آبدوز ۾ سوار 5 مسافرن کي دستياب آڪسيجن جي فراهمي پاڪستاني وقت موجب منجهند 4 لڳي 18 منٽن تي ختم ٿي وئي هوندي.
اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته ڇو ته روانگي وقت ٽائٽن ۾ آڪسيجن جي فراهمي 96 ڪلاڪن جي هئي پر ان حوالي سان يقيني سان ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي، آڪسيجن فراهمي ختم ٿيڻ جي خدشن باوجود سرچ آپريشن جاري رکيو ويندو، اسان سموري دستياب ڊيٽا ۽ تفصيل استعمال ڪري ڳولا جاري رکيو پيا اچون.
هيل تائين گم ٿيل آبدوز جي لوڪيشن هڪ اسرار بڻيل آهي، توڙي جو نوان جهاز به ان جي ڳولا جي مهم ۾ شامل ٿي ويا آهن.
آمريڪي ڪوسٽ گارڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽائٽن جي ڳولا دوران گذريل ٻه ڏينهن ٻه ڀيرا سمنڊ مان آواز ٻڌا ويا هئا پر انهن جاين جي ڀرپاسي آبدوز کي ڳولڻ ۾ ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي.
ياد رهي ته ٽائي ٽينڪ جو ملبو ڏيکارڻ لاءِ سياحن کي کڻي ويندڙ آبدوز 18 جون تي گم ٿي ويو هو، جنهن جي ڳولا لاءِ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ فرانس جون ٽيمون مصروف آهن.
اهو آبدوز ڪينيڊا جي ٻيٽ نيو فائونڊلينڊ مان روانو ٿيو هو، آمريڪي ڪوسٽ گارڊ موجب آچر ڏينهن سفر جي شروعات جي هڪ ڪلاڪ 45 منٽن کانپوءِ آبدوز جو رابطو ڪٽجي ويو هو.
ٽائي ٽينڪ جهاز جو ملبو نيو فائونڊلينڊ جي سمنڊ کان تقريبن 600 ڪلو ميٽر پري اونهي سمنڊ ۾ 12 هزار 500 فوٽ اونهائي ۾ آهي.
ٽائٽن ۾ پاڪستاني واپاري شهزادو دائود ۽ سندس پٽ، برطانوي واپاري ۽ فرانسيسي غوطا خور سميت 5 ڄڻا سوار آهن.