خواجا آصف يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز کي ڌاڙيل چوڻ تي معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجا آصف يونيورسٽيز جي وائيس چانسلرز کي ڌاڙيل چوڻ تي معافي وٺي ڇڏي آهي

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته مون 2 ڏينهن اڳ وائيس چانسلرز لاءِ نامناسب لفظ استعمال ڪيا هئا، انهن تي معذرت ڪيان ٿو

خواجا آصف 2 ڏينهن اڳ ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته وائيس چانسلرز ڪرپشن ڪري ارب پتي بڻجي ويا آهن، رٽائر ٿيڻ تي ايڪسٽينشن ۽ اسٽي آرڊر وٺي ويهي رهن ٿا

وائيس چانسلرز وفاقي وزير جي بيان تي احتجاج ڪندي اسپيڪر کي خط لکيو هو

خواجه آصف وائيس چانسلرز کان معافي وٺندي اسپيڪر کان ڌاڙيل لفظ حذف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي