وفاقي سرڪار بجلي جي قيمتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد: وفاقي سرڪار هڪ دفعو ٻيهر بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. بجلي جي قيمتن ۾ هڪ روپيو 61 پئسا واڌ ڪئي وئي.

رپورٽ موجب نيپرا ان حوالي سان قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب قيمتن ۾ واڌ ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب قيمتن ۾ واڌ جو اعلان هلندڙ مهيني جي بلن تي هوندو. واڌ جو لاڳو ٿيڻ لائف لائين صارفين کان سواءِ سڀني تي هوندو جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ صارفين اهڙي واڌ کان آجا هوندا.

The federal government has once again increased the prices of electricity