اسلام آباد، لاهور، پشاور سوڌو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلو

پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن، ماڻهو خوف ۾ گهرن کان ٻاهر نڪري آيا

اسلام آباد، لاهور، سوات، پشاور، ايبٽ آباد، نارووال جهلم، مانسهره، پنڊي، ميرپور آزاد ڪشمير سوڌو مختلف علائقن ۾ زلزلو  آيو آهي

زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي، زلزلي جي گهرائي 18 ڪلو ميٽر هئي، جڏهن ته زلزلي جي ڪري ماڻهو خوف مان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، زلزلي ۾ ڪنهن به جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا

IslamabadLahorePeshawar