لکنئو: انڊين پريميئر ليگ ۾ لکنئو سپر جائنٽ جي مينٽور گوتم گمڀير ۽ ويرات ڪوهلي ۾ ٿيل جهيڙي جو پڙاڏو اڃا به اچي رهيو آهي هاڻ ان ۾ شوقين به شامل ٿي ويا آهن
راجيو گانڌي اسٽيڊيم ۾ ٿيل ميچ ۾ سن رائزرز حيدرآباد جي بالر اويش خان لکنئو جي بيٽسمين هينرج ڪلاسن کي فل ٽاس بال ڪرايو جيڪو امپائر ان کي نوبال قرار ڏئي ڇڏيو جنهن تي شوقينن کي مٺيان لڳي ۽ هنن ڪوهلي ڪوهلي جا نعرا هنيا
هنن لکنئو جي ڪيمپ تي نٽ ۽ بولٽ اڇلايا جنهن ڪري ميچ کي ڪجهه دير لاءِ روڪيو ويو ۽ سيڪورٽي عملي مداخلت ڪئي. شوقينن گوتم گمڀير کي نشانو بڻاو پر هو بچي ويو