لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي کي گرفتاري کان روڪڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي، پوليس کان جواب طلب

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي کي گرفتاري کان روڪڻ جي استدعا رد ڪندي آءِ جي پنجاب ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

جسٽس سرفراز ڊوگر اڳوڻي وڏي وزير جي پٽ راسخ الاهي جي پرويز الاهي جي گهر تي پوليس آپريشن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت پرويز الاهي کي گرفتاري کان روڪڻ جي استدعا منظور نه ڪئي ۽ آءِ جي پنجاب ۽ ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪندي پرويز الاهي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي 8 مئي تي ٿيندي.