ڪشمور: پوليس اهلڪارن تي ڌاڙيلن جو حملو: 2 اهلڪار شهيد: ايس ايڇ او سميت 4 زخمي

بخشاپور: ڪشمور ويجهو پوليس چوڪي جي معائني لاءِ پهتل پوليس عملدارن تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ سبب 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا

ڪچي واري علائقي گيھلپور ۾ حاجي خان شر ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ پوليس مقابلو ٿي پيو جنهن دوران   2 پوليس اهلڪار حدي ڊومڪي ۽ صابر ڊومڪي شھيد ٿي ويا  جڏهن ته ايس ايڇ او گل محمد مھر سميت چار پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا

زخمي پوليس اهلڪارن ايس ايڇ او گل محمد مهر، شاھڪ جکراڻي، مصري جکراڻي، عبدالوهاب جکراڻي کي طبعي امداد ڏيڻ لاءِ سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو آهي، ڏوهارين ۽ پوليس ۾ فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ آهي

 گيھلپور پوليس موجب ڪچي جي نھڙ پتڻ واري علائقي ۾ ڏوهارين سان پوليس مقابلو ٿيو جنهن جي نتيجي 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ايس ايڇ او سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن