ڊيفالٽ جون سموريون اڳڪٿيون غلط ثابت ، عهدي جو سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم جو بيان سامهون اچي ويو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف پاران عهدي جو حلف کڻڻ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سندس اهم بيان  سامهون اچي ويو آهي.

شهباز شريف چيو آهي ته مون کي مخلوط حڪومت جي وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کڻڻ کي اڄ هڪ سال ٿي رهيو آهي.  اهو وڏو چيلنجن ۽ پريشانين جو سال رهيو آهي. عمران نيازي حڪومت خلاف عدم اعتماد جي ووٽنگ بي مثال هئي. عدم اعتماد جي ووٽ جي منظوري کان پوءِ پي ڊي ايم اقتدار ۾ آئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تقريبن سمورين سياسي طاقتن پارليامينٽ جي فورم تي غير مشهور حڪومت کي ووٽ ذريعي ٻاهر ڪڍيو. گڏيل قومي مقصد جي لاءِ سياسي پارٽين جو گڏ ٿيڻ ملڪ جي سياسي ارتقا ۾ اهم اڳڀرائي جي نمائندگي ڪري ٿو

وزيراعظم چيو آهي ته عمران خان جي وڇايل اقتصادي بارودي سرنگن جي باوجود پاڪستان جي معشت لاڳيتو هلي رهي آهي. ڊيفالٽ جون سموريون اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون. معيشت جي بحالي لاءِ مخلصاڻيون ڪوششون جاري آهن. اتحادي حڪومت پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير جي اسٽيج تي آهي. سفارتي لاڳاپن ۽ نئين سري سان تعمير کي نيازي حڪومت نقصان پهچايو.

شهباز شريف چيو آهي ته هڪ سال ۾ اسان هڪ پارٽنر جي طور تي پاڪستان جي ساک قائم ڪرڻ ۾ وڏي حد تائين ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان کي گذريل سال ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو. حڪومت بچاءُ، ريليف ۽ بحالي جون ڪوششون ڪيون. لکين ماڻهن کي سماجي تحفظ فراهم ڪيو ۽ عالمي برادري کي متحرڪ ڪيو. ٻوڏ جي حوالي سان ريليف جي ڪمن کي سموري دنيا مڃيو.

شهباز شريف چيو ته حڪومت عالمي سطح تي پاڪستان جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ موسمياتي ڊپلوميسي جو استعمال ڪيو. جي 77 جي چيئر جي طور تي پاڪستان جي حڪومت فنڊ جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنيوا ۾ 9 ارب آمريڪي ڊالر جو واعدو اسان جي ڪاميابي سفارتڪاري جو ثبوت آهي. گذريل هڪ سال ۾ توانائي جي شعبي ۾ حڪومت شهرين کي رليف ڏيڻ  جون ڪوششون ڪيون.

All the predictions of default proved wrong