سلمان خان جي فلم ”ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“ جو پوسٽر جاري

ممبئي: بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي نئين فلم ”ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“ جي آفيشل ٽريلر جي رليز کان اڳ اداڪار فلم جو هڪ دبنگ پوسٽ شيئر ڪيو آهي، جنهن کي مداح گھڻو پسند ڪري رهيا آهن.
اداڪار ڪجهه ڏينهن اڳ مداحن کي خبر ٻڌائي هئي ته سندس فلم جو آفيشل ٽريلر 10 اپريل تي جاري ڪيو ويندو.”ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“ جي ان نئين پوسٽر ۾ سلمان خان ڊگھن وارن ۾ سهڻو نظر اچي رهيو آهي، کيس ڪاري رنگ جي ٽي شرٽ پهريل آهي ۽ ان سان گڏ سندس سگنيچر بريسليٽ به نمايان آهي.
فلم جو پوسٽ جيئن ئي شيئر ڪيو ويو، مداحن جي رش لڳي وئي ۽ ڪمينٽ سيڪشن ۾ سپر اسٽار لاءِ تعريفي تبصرا ڪيا پيا وڃن ۽ مداح فلم جي رليز جو شدت سان انتظار ڪري رهيا آهن. فلم ”ڪسي ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“ جي ذريعي شهناز گِل جو ڊيبيو ٿيندو، جڏهن ته فلم کي 21 اپريل تي سينيما گھرن ۾ رليز ڪيو ويندو.