اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت عسڪري قيادت ۽ چارئي وڏا وزير به شريڪ آهن، حساس ادارن جي سربراهن پاران قومي سلامتي جي معاملن تي بريفنگ ڏني پئي وڃي
ذريعن موجب پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت سيڪيورٽي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، اجلاس ۾ اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهن
قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي
ملاقات ۾ قومي ۽ داخلي سلامتي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به موجود هو