آءِ ايم ايف پروگرام جي منظوري هلندڙ هفتي ٿي ويندي: ناڻي واري وزارت تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد: آءِ ايم ايف پروگرام جي هلندڙ هفتي منظوري جو امڪان آهي، جنهن جي تصديق ناڻي واري وزارت ڪري ڇڏي آهي.
اسٽاف ليول معاهدو ٿيندي ئي آءِ ايم ايف مشن پاڪستان کي هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو

اپريل جي پهرئين هفتي ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ مان منظوري ۽ فوري طور رقم ملڻ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب آءِ ايم ايف کي 30 جون 2023ع تائين دوست ملڪن کان ملندڙ فنڊنگ جي تصديق ڪرائي وئي آهي.
آءِ ايم ايف عالمي مالياتي ادارن کان ٿيندڙ فنڊنگ جي شيڊيول جي تصديق ڪري رهيو آهي.
اختيارين موجب پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جي اڳواٽ شرطن تي مڪمل عملدرآمد ٿي چڪو آهي.
ياد رهي ته اڄ آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ڪابينا لگزري آئٽمز تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.