جڳ مشهور آرٽسٽ ماڪن شاهه جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي: سنڌ جي ثقافت ۽ تعليم واري صوبائي وزير سردار ريڊيو ۽ ٽي وي جي ناليواري آرٽسٽ ماڪن شاھ رضوي جي بيماري بابت ٽائيم نيوز تي نشر ٿيل خبر جو نوٽيس ورتو

سردار شاھ چيو آهي ته ماڪن شاھ رضوي سنڌ جو اثاثو آھي، ان جو ھر ممڪن علاج ڪرائڻ لاءِ ثقافت کاتو سهڪار ڪندو

سردار شاهه ثقافت کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته ماڪن شاهه رضوي جي علاج لاءِ موجود سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن

ماڪن شاهه ڳلي جي بيماري ۾ ورتل آهي، گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي سندس تصوير وائرل ٿي آهي