وزيراعظم پاران ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف بي رحماڻي ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف بي رحماڻي ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ ضلعي انتظاميا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو ۽ چيو ته ذخيرو ڪندڙن ۽ منافعي خورن خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي

هن چيو ته رمضان المبارڪ کان اڳ گودامن، دڪانن ۽ پڙين ۾ آپريشن ڪلين اپ ڪيو وڃي، ٻوڏ، معاشي ڏکيائين ۾ ڦاٿل عوام کان رمضان ۾ جيڪو وڌيڪ اگهه وٺي، ان کي سختي سان منهن ڏنو وڃي.
شهباز شريف وفاقي حڪومت کي وڏن وزيرن سان گڏجي رمضان المبارڪ ۾ شين جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ اگهه ڪنٽرول ۾ رکڻ جو ٽاسڪ ڏنو.
وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ سميت کاڌي پيتي جي شين جي ڪا کوٽ ناهي، جنهن تي وزيراعظم اختيارين تي ڪاوڙجي پيو ۽ چيو جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڪڪڙ جو گوشت ڇو مهانگو ٿيو آهي؟
شهباز شريف هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ يوٽيليٽي اسٽورن تي به معياري شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، رمضان بازار ۾ اگهن ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي.