پاڻمرادو نوٽيس: جسٽس اطهر من الله جو نوٽ

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس جي حوالي سان جسٽس اطهر من الله جو نوٽ به سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جو حڪم پڙهيو آهي

هنن چيو ته چيف جسٽس جو اوپن ڪورٽ ۾ ڏنل حڪم لکت واري حڪم سان مطابقت نٿو رکي، اسان جي سامهون رکيل سوال کي علحدگي سان نه ٿو ڏسي سگهجي، صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي

جسٽس اطهر من الله پنهنجي نوٽ ۾ سوال ڪيو ته ڇا صوبائي اسيمبليون جمهوريت جي آئيني اصولن کي پامال ڪري ٽوڙيون ويون؟

جسٽس اطهر من الله پنهنجي نوٽ ۾ چيو ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريل بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙي بابت آهن، اسان جي سامهون آيل مامرو پهريان ئي صوبائي آئيني عدالت ۾ موجود آهي

جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته اِن مامري جو سپريم ڪورٽ ۾ اچڻ وقت کان اڳ آهي، ڪنهن ٻئي معاملي کي ڏسڻ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جي آئيني ۽ قانوني حيثيت کي ڏسڻ ضروري آهي، چيف جسٽس مونکان ڪجهه سوالن جا جواب گهريا آهن، اُهي هيءَ آهن

پهريون سوال: ڇا صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جو مشورو ڏيڻ وڏي وزير جو حتمي اختيار آهي، جنهن لاءِ آئيني سببن کي ڏسڻ ضروري ناهي؟

ٻيو سوال: ڇا وڏو وزير پنهنجي آزاد راءِ تي يا ڪنهن ٻئي جي راءِ تي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو؟

ٽيون سوال: ڇا وڏي وزير جي ايڊوائيس کي آئيني طور رد ڪري سگهجي ٿو ۽ اسيمبلي بحال ڪري سگهجي ٿي؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته مون جڏهن عدالت ۾ آئيني نڪتا اُٿاريا ته چيف جسٽس اُنهن سان اتفاق ڪيو، منهنجي سوالن تي بينچ جي ڪنهن به ميمبر اعتراض نه واريو، کُلي عدالت ۾ منهنجي سوالن کي شامل ڪري حڪمنامو لکرايو ويو

هن وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس جو کليل عدالت ۾ ڏنل حڪم لکت واري حڪم سان مطابقت نٿو رکي، جتي آئين جي تشريح هن عدالت جو اختيار آهي، اُتي آئين جو تحفظ به هِن عدالت جي ذميواري آهي