صوبائي وزير شرجيل ميمڻ عورتن لاءِ گلابي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عورتن لاءِ گلابي بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي.
پنڪ بس سروس جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران شرجيل ميمڻ يو ته اڄ گلابي بس سروس جي شروعات ڪري رهيا آهيون، سکر ۾ پيپلز بس سروس ڪري ڇڏي آهي. اسان کي سڀني کان وڌيڪ مائرن ۽ ڌيئرن کي خودمختار بنائڻو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته عورتن کي سهولتون ڏيڻ جي ذميواري حڪومت جي آهي. سنڌ جي هر شهر ۾ عورتن جي لاءِ بسون هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سمورين بسن ۾ عورتن جي لاءِ ڌار سيشن هوندا.
ياد رهي ته ان کان اڳ صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو هو ته اها بس ماڊل ڪالوني کان شاهراهه فيصل، ٽاور تائين هلائي ويندي. گلابي بس سروس صبح ۽ شام جو آفيس وقت ۾ هر 20 منٽن کان پوءِ هلندي. جڏهن ته آفيس جي وقتن کان پوءِ معمول جي وقت ۾ اها بس هر ڪلاڪ کان پوءِ هلندي.
ياد رهي ته پيپلز بس سروس ۾ مرد مسافرن جي سفر ڪرڻ تي پابندي هوندي.