سکر ۾ اداڪارا صوفيه مرزا ۽ ٻين خلاف فراڊ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل

سکر : سکر ۾ اداڪارا صوفيه مرزا ۽ ٻين خلاف فراڊ ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو، عمران خان جي گهڙي خريد ڪندڙ عمر فاروق جي اڳوڻي زال ۽ اداڪارا صوفيه مرزا ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ان سلسلي ۾ سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي شهري ثناءُ الله مهيسر جي فرياد تي فراڊ، گارگند ۽ قتل جي ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ڪيس ۾ صوفيه مرزا عرف  خوشبخت مرزا، سندس ڀيڻ مريم،  مئنيجر ماريه خرم ۽ ان جو مڙس نامزد ڪيا ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته  پوليس عملدارن صوفيه مرزا جي  گرفتاري لاءِ گهرو وزارت کي خط لکي  اجازت طلب ڪري ورتي آهي، لکت ۾ اجازت ملندي ئي پوليس  ٽيم صوفيه مرزا جي گرفتاري لاءِ پنجاب رواني ٿيندي

ڪيس داخڪ ڪرائيندڙ فريادي موجب صوفيه مرزا گروپ کي شادي پروگرام ۾ ناچ گاني لاءِ 15 لک روپين ۾ بُڪ ڪيو، 10 لک ايڊوانس ڏنا هئا، صوفيه مرزا گروپ شادي پروگرام  ۾ شرڪت نه ڪئي، رقم واپس گهرڻ  تي ڌمڪيون ڏنيون ويون

In Sukkur