آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي:آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت نيب پراسڪيوٽر ۽ وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، نيب پراسڪيوٽر جو موقف هو ته آغا سراج دراني خلاف ثبوت موجود آهن، سندس ضمانت منظور ٿي ته هو ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو

جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ به آغا سراج دراني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري چڪي آهي

آغا سراج دراني چيو آهي ته عدالت ضمانت رد ڪرڻ جو سبب نه ٻڌايو آهي، فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندس، سب جيل به جيل هوندي آهي، ڪوڙن ڪيسن مان سرخرو ٿي نڪرنداسين