ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو خطرو، الرٽ جاري

ڪراچي: سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگرد واقعن جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، دهشتگردي جي خطري بابت گهرو کاتي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو

گهرو کاتي خط جي متن ۾ چيو آهي ته ٽن پابندي مڙهيل تنظيمن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو آهي

خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  بي آر اي، براس ۽ ايس آر اي دهشتگردن ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ هٿيار ورهائي ڇڏيا آهن

خط موجب برهمداغ بگٽي جو سالو شجاع بگٽي ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندو آهي، هو انٽيليجنس ڪمانڊر طور پنهنجي تنظيم کي ٽيڪنيڪلي ڄاڻ فراهم ڪري ٿو

گهرو کاتي موجب  شجاع بگٽي سکر ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو ارادو رکي ٿو، خيرپور واسي زاهد چانڊيو جو واسطو بي آر اي سان آهي، کيس سرڪاري عمارتن کي نشانو بڻائڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي

خط ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته  شجاع بگٽي سنڌ مان راجستان کان انڊيا وڃي تربيت حاصل ڪرڻ جي پلاننگ ڪري رهيو آهي

خط ۾ چيو ويو آهي ته سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ ٻئي سان رابطا مضبوط رکي سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪن

Hyderabad and SukkurThreat of terrorism in Karachi