ڪوهلو: بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ بارودي سرنگهه ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي علائقي ڪاهان ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪليئرنس آپريشن دوران بارودي سرنگهه ڌماڪي ۾ ڌماڪو ٿيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بارودي سرنگهه جي ڌماڪي ۾ هڪ آفيسر سميت پنج فوجي جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب شهيدن ۾ ڪيپٽن، فهد، لانس نائيڪ امتياز، سپاهي اصغر، سپاهي مهراڻ، سپاهي شمعون شامل آهن.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن ڌرين جي بزدلاڻي ڪارروائيون بلوچستان جي امن ۽ خوشحالي کي ختم نٿيون ڪري سگهن، سيڪيورٽي فورسز ۽ ملڪ جا جوان هر قيمت تي دشمن جا عزم ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
ٻئي پاسي ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ڇهه ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال نيو ويو جڏهن ته پنجن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي .
واقعي بعد ليويز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.