ڪراچي: سون 174900 رپيا في تولو واري انتهائي حد تي پهچي ويو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا واڌ سان 174000 مان 174900 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ پڻ سون 3 ڊالرن جي واڌ سان1796 ڊالر في آئونس تي پهتو
هوڏانهن چاندي 1760 ۽ ڊالر 234 رپين تي بيٺل رهيا، ٻئي طرف پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 298 مان 297 ۽ يورو هڪ رپيو اضافي سان 257.5 مان 258.5 رپين تي پهتا