اسلا م آباد : چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته نيب قانون جي غلط استعمال سان ڪيئي ماڻهن جا ڪاروبار تباهه ٿي چڪا آهن جڏهن ته نيب ترميمن سان فائدو رڳو ترميم ڪرڻ وارن کي ئي ٿيو آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيوته ايگزيڪٽو پنهنجو ڪم نه ڪندو ته ماڻهو عدالتن ڏانهن ئي ايندا آهن.
ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطابنديال چيو ته نيب قانون ۾ ترميم ان اسيمبلي ڪئي جيڪا مڪمل ئي ناهي، ان نڪتي تي ڪو به قانون ناهي مليو ته اڻپوري اسيمبلي قانونسازي ڪري سگهي ٿي يا نه، سياسي حڪمت عملي سبب اڌ کان وڌيڪ اسيمبلي ميمبرن بائيڪاٽ ڪيو آهي.
جسٽس اعجاز رمارڪس ڏنا ته نيب ترميمن سان فائدو رڳو ترميم ڪرڻ وارن ئي ٿيو آهي، ڪجهه ماڻهن کي ڏنل لائين تي سڄي سياسي پارٽي هلي ٿي، لائين فالو ڪرڻ سان فائدو رڳو ڪجهه ماڻهن جي ذات کي پهتو آهي.
هن چيو ته ڇا اهڙي صورتحال ۾ عدليا هٿ پير ٻڌي ڪري تماشو ڏسي؟ نيب ترميمن کي بحث کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪيو ويو، ترميمن جي نيت ئي ٺيڪ نه هجي اڳتي ٻيو ڪجهه ڄاڻڻ جي ضرورت ئي ناهي.
چيف جسٽس چيو ته عدالتي فيصلن باوجود ڪرپشن ختم نه ٿي سگهي، مسئلو رڳو ڪرپشن جو ناهي سسٽم ۾ موجود خامين جو به آهي، سسٽم ۾ موجود خاميون ڪڏهن ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي وئي جڏهن ته پارليامنٽ جو ڪم آهي ته سسٽم ۾ بهتري لاءِ قانون ٺاهي ۽ عمل به ڪرائي.
جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ پنج مهينن کانپوءِ آءِ جي ۽ ٽن مهينن کانپوءِ ايس ايڇ او تبديل ٿي ويندو آهي، ايگزيڪٽو فيصلا ڪرڻ وقت قانون جي گهرجن تي عمل ناهي ڪيو ويندو.
چيف جسٽس چيو ته ماضي ۾ ريڪوڊڪ ۽ اسٽيل مل وارا فيصلا عدالت سٺي نيت سان ڪيا، حڪومت سسٽم جي ڪمزوري سبب رٿائن ۾ ڪرپشن پڪڙي نٿي سگهي.
هن وڌيڪ چيو ته نيب قانون جي غلط استعمال سان ڪيئي ماڻهن جا ڪاروبار تباهه ٿي چڪا آهن، ڪرپشن تي ڪنهن به صورت ۾ معافي نه ملڻ گهرجي.