عمران خان اومني گروپ جي هرجاڻي واري نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اومني گروپ جي هرجاڻي واري نوٽيس جو جواب ڏئي ڇڏيو

 عمران خان اومني گروپ جي نيب سان ڪيل پلي بارگين جا تفصيل به فراهم ڪيا

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي جواب ۾ چيو ته نوٽيس قانوني حساب سان ناقص آهي، عزت کي ڇيهو رسائڻ واري آرڊيننس 2002  تي پورو نه ٿو لهي

 جولاءِ 2018 ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ اومني گروپ، زرداري گروپ ۽ بحريا ٽائون وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جو انڪشاف ڪيو هو

نيب ريفرنس مطابق ڪيسز ۾ زرداري گروپ ۽ بحريا ٽائون سوڌو اومني گروپ کي به نامزد ڪيو ويو

احتساب عدالتن جي منظوري سان 9 ارب رپين جي پلي بارگين جي اجازت ڏني وئي هئي

اومني گروپ 22 نومبر 2022 تي هڪ پريس ڪانفرنس دوران عمران خان پاران لڳايل الزامن تي کيس هرجاڻي جو نوٽيس جاري ڪيو هو