بلوچستان ۾ امن ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي: آرمي چيف

ڪراچي: آرمي چيف چيو آهي ته بلوچستان ۾ امن ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وينديون

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا ۽ تربت جي 2 ڏينهن جي دوري جي موقعي تي جوانن ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي چيو ته پائيدار امن لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻايو ويندو

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير پنهنجي دوري جي موقعي تي شهيدن جي يادگار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ گلن جي چادر چاڙهي، ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اسڪول آف انفنٽري جو دورو پڻ ڪيو

آءِ ايس پي آر موجب ڪوئيٽا پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور آرمي چيف جو استقبال ڪيو