سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ سبب 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا: وڏو وزير

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آھي تھ سنڌ ۾ موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ سبب 20 لک ماڻهو بي گهر، اسان دنيا کان ازالي جو نه پر انصاف جو مطالبو ٿا ڪيون

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ پينٽنگس ۽ مجسمن جي نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ دوران بي گهر ٿيل ماڻهن کي گهر تعمير ڪرائي ڏينداسين

وڏي وزير ۽ صوبائي وزير سردار شاهه پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پينٽنگس ۽ مجسمن جي نمائش جو افتتاح ڪيو ويو، موهن جو دڙو جي کوٽائي جي سئو ساله جشن جي موقعي تي ٿيل تقريب کي صوبائي وزير سردار شاهه به خطاب ڪيو