آمريڪي پرڏيهي ترجمان نَيڊ پرائيس واشنگٽن ۾ ميڊيا کي بريفنگ دوران چيو آهي ته دهشتگرد پاڪستان تي حملن لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪري سگهن ٿا: آمريڪا پاڪستان کي نئين خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو
نَيڊ پرائيس چيو ته بندش پيل ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ منظم ٿي رهيا آهن، خدشو آهي ته افغانستان عالمي دهشتگردن جي پناهه گاهه نه بڻجي وڃي
هن بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ اهم پارٽنر آهي، افغانستان مان دهشتگرد ڪارروائيون ٿيون ته آمريڪا ٻيهر ڪارروائي ڪري سگهي ٿو
دهشتگرديءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ڪنداسين، پاڪستان ۾ ڪنهن هڪ شخص کي ٻئي تي ترجيح نه ڏينداسين
عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ آمريڪي ڪردار بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ نيڊ پرائيس چيو ته اهڙن افواهن جي اڳ ئي ترديد ڪري چڪا آهيون