مين پُڙي ۽ گُٽڪي جي ڪاروبار ۾ ملوث پوليس آفيسرز جا تفصيل طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ مين پُڙي ۽ گُٽڪي جي ڪاروبار ۾ ملوث پوليس آفيسرز بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مين پُڙي ۽ گُٽڪي تي پابندي بابت ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته هيل تائين گُٽڪي جي ڪاروبار ۾ ملوث ڪيترن پوليس آفيسرز خلاف ڪارروائي ٿي آهي؟

عدالت طرفان ايڊيشنل آءِ جي کي 6 هفتن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان قانون واري سيڪريٽري کي به قانونسازيءَ بابت اڳڀرائي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي