پاڪستان جي انصاف ۽ عالمي انصاف ۾ وڏو فرق آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان ريمارڪس ڏنا آهن ته   پاڪستان جي انصاف ۽ عالمي انصاف واري نظام ۾ وڏو فرق آهي، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ 50سيڪڙو شيئرز پاڪستان جا آهن

تڪرار سان پاڪستان تي وڏو اثر پوندو، حڪومت عالمي قانون کي نظر ۾ رکندي قدم کڻي، ٻي صورت ۾ ڪمپني عالمي ٽياڪڙي فورم تي هلي ويندي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ۾ چيو ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي به پاڪستان جي انصاف جي نظام تي اعتماد ڪرڻ گهرجي

چيف جسٽس چيو ته جڏهن تڪرار عالمي فورمز تي پهچي ويندا آهن ته حل ڪرڻ ۾ گهڻا وسيلا خرچ ٿيندا آهن

ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سيڙپڪار  بيڪ گولڊ ڪپني جي وڪيل  مخدوم علي خان دليل مڪمل ڪري ورتا، جڏهن ته ايڊيشنل اٽارني جنرل جا دليل جاري آهن