سپريم ڪورٽ لانگ مارچ خلاف درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ لانگ مارچ خلاف سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي درخواست اڻ اثرائتي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي آھي، عمران خان جي لانگ مارچ خلاف درخواست اڪلائي وئي آھي

 چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته ظاهري طور لانگ مارچ جي معاملي ۾ عدالت جي مداخلت وقت کان اڳ هوندي، جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا توهان چاهيو ٿا ته سپريم ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر جو ڪردار ادا ڪري؟

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته توهين عدالت جو معاملو لارجر بينچ ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ آهي، جتي ڌرين کي خاطريءَ جي ڀڃڪڙي تي جواب ڏيڻو آهي، ڇا توهان چاهيو ٿا ته هيءَ بينچ الڳ سان لانگ مارچ جي معاملي ۾ مداخلت ڪري؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ عدالت جي مداخلت چاهيون ٿا، جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا توهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته صورتحال ايگيزيڪيوٽو جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي چڪي آهي؟

چيف جسٽس چيو ته ملڪ ۾ وڳوڙ نه پر امن امان چاهيون ٿا، اهڙو حڪم نه ٿا ڏيڻ چاهيون جيڪو وقت کان اڳ هجي ۽ ان تي عمل به نه ٿئي