تحريڪ انصاف اين اي 237 ملير جِي ننڍي چونڊ جا نتيجا سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪري ڇڏيا

ڪراچي: پاڪستان تحريڪ انصاف اين اي 237 جي چونڊ نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

حڪيم بلوچ جي ڪاميابي کي پي ٽي آءِ سنڌ چئلينج جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي درخواست داخل ڪرائي

درخواست ڊاڪٽر شهاب امام ايڊووڪيٽ ذريعي داخل ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسمبلي جي تڪ  237 ۾ بدترين ڌانڌلي  ڪئي وئي آهي

 پي ٽي آءِ جي درخواست چيو ويو آھي ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن طرفان تڪ ۾ جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، اسان اليڪشن ڪميشن کي تڪ ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون پڻ ڪيون آهن

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت پاران ڌانڌلي ۽ ٻين شڪايتن جي شفاف انڪوائري جو حڪم ڏنو وڃي

درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اليڪشن ڪميشن  سنڌ حڪومت ۽ حڪيم بلوچ کي ڌر بڻايو ويو آهي