شادي لارج ۾ ايل بي او ڊي سِم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ لاءِ چوٿين ڏينهن به ڌرڻو

پنگريو/شادي لارج : شادي لارج ۾ ايل بي او ڊي سِم نالي کي زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ لاءِ چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري آھي، نيوي موڙ تي ٽرئفڪ بند هجڻ سبب سوين مسافر ۽ مال بردار گاڏيون بيٺل آھن

 ڌرڻي ۾ پنگريو، ملڪاڻي شريف، نئون ڪوٽ ۽ شادي لارج جا رهواسي شامل آھن، ڌرڻي کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز نه پهتا آھن

ايم ايم ڊي پُراڻ ڍوري کي لڳل گهاري جي پاڻي ملڪاڻي شريف جي 4 يوسيز کي مڪمل طور ٻوڙي ڇڏيو آھي، ملڪاڻي، پنگريو، سمن سرڪار ۽ ٻين علائقن ۾ سوين گهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا

رستن ۽ بندن جي ڪنارن تي هزارين ٻوڏ متاثر خاندان بي يارو مددگار ويٺل آھن، متاثرن پاران حڪومت کان واھر جي اپيل ڪئي وئي آھي