پاڪ فوج برسات متاثرن جي ڀرپور مدد ڪندي: آرمي چيف

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سمورين فارميشنز کي برسات سٽيلن جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سربراهي ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران ملڪ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيل تباهي جو جائزو ورتو ويو

آءِ ايس پي آر موجب اجلاس ۾ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو
آرمي جي سمورين فارميشنز چيو ته برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي

ڪانفرنس ۾ خطاب دوران آرمي چيف چيو ته آرمي جون فارميشن هر هڪ متاثر تائين پهچن، متاثرن جي هر ممڪن مدد يقيني بڻائي وڃي