حيدرآباد : حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب حيدرآباد جي سمورن ضلعن ۾ 28 آگسٽ تي ٿيندڙ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ڄامشورو، ٿاڻو بولا خان ۽ جوهي سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال آهي، ماڻھن جا گھر ڊھي پيا آھن، علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب برسات کي نظر ۾ رکندي في الحال 28 آگسٽ تي ٿيندڙ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي