ڪراچي جي گارڊن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن
پوليس ذريعن موجب مال خاني ۾ رکيل دستي بم ڦاٽڻ سبب واقعو پيش آيو، ڌماڪي جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهزاد ۽ شبير شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 2 اهلڪار زخمي پڻ ٿيا آهن
واقعي کانپوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس هيڊ ڪوارٽر کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي مختلف رُخن سان جاچ ڪري رهيا آهيون، شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري رهيا آهيون