ھيليڪاپٽر ۾ سوار ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا سوڌو 6 فوجي جوان شھيد: آءِ ايس پي آر

ڪراچي: بلوچستان ۾ امداد سرگرمين دوران گُم ٿيل پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر جو ملبو هٿ اچي ويو آھي، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا 12 ڪور ليفٽينٽ جنرل سرفراز علي سوڌو 6 فوجي آفيسرز ۽ جوان شهيد ٿي ويا

ان سلسلي ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي ته حادثي جي شهيدن ۾ ڊي جي ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد، برگيڊيئر محمد خالد، باقراڻي واسي پائليٽ ميجر سعيد احمد، ميجر طلحه ۽ نائڪ مدثر فياض شامل آھن

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته موسم جي خرابي سبب حادثو پيش آيو، هيليڪاپٽر لسٻيلي ۾ فلڊ رليف آپريشن ۾ رُڌل هو ته ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول سان رابطو ڪاٽا ٿيو، حادثي جو شڪار هيليڪاپٽر جو ملبو موسيٰ ڳوٺ مان هٿ ڪيو ويو