ڄامشوري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل

ڪراچي : ڄامشوري ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف اينٽي ڪرپشن ڄامشورو ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو

سرڪل آفيسر ذيشان حيدر جي فرياد تي حليم عادل شيخ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ اڳوڻو مختيارڪار ٿاڻو بولاخان غلام نبي مهيسر، تپيدار عبدالله  سولنگي، تپيدار شيرالدين ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آھن

ڪيس جي متن موجب انڪوائري ۾ پتو پيو ته مختيارڪار  ۽ تپيدار جي ملي ڀڳت سان رڪارڊ  ۾ هيراڦيري ٿي آھي

متن  موجب مير محمد جي نالي تي زمين رجسٽرڊ ڪئي وئي، اُها زمين وري حليم عادل شيخ خريد ڪئي