پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ: حڪومت جو ريڊ زون سيل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت وفاقي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد جي ريڊ زون کي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ذريعن موجب ريڊ زون کي ڪنٽينر رکي سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي چوڪ کي اڳ ئي ڪنٽينر رکي سيل ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب ريڊ زون ويندڙ ٻين سمورن رستن کي به اڄ رات تائين سيل ڪيو ويندو، رڳو مارگلا روڊ ٽريفڪ لاءِ کليل هوندو

واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت ڏکيا فيصلا وٺڻ ۽ آئيني مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي