اشنا شاهه ۽ صبا فيصل ناليواري ڀارتي هدايتڪار جي پراجيڪٽ ۾ نظر اينديون؟

ڪراچي: ناليواري اداڪارا صبا فيصل تمام جلد ڀارتي ڊائريڪٽر انوراگ ڪشيپ جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ پراجيڪٽ ۾ نظر ايندي.

پراجيڪٽ جي تصديق صبا فيصل پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ ذريعي ڪئي.

هن ويڊيو پوسٽ ڪندي چيو ته مان جنهن مقصد لاءِ يورپي ملڪ بيلاروس ۾ موجود آهيان، ان جو اڄ پهريون ڏينهن آهي.

سندس چوڻ هو ته مان عظيم ڊائريڪٽر سان ڪم ڪري رهي آهيان، جنهن ۾ مداح مون کي جلد ڏسي سگهندا.

هوڏانهن اداڪارا اشنا شاهه به پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي صبا فيصل جي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ ٻئي اداڪارائون انوراگ ڪشيپ سان ڳالهائڻ ۾ مصروف آهن.

اشنا شاهه ڪيپشن ۾ لکيو ته مان سرحد پار ان ڀائيواري ۽ ان اداري کان سکڻ جو اعزاز ملڻ تي پرجوش آهيان.

هڪ ٻي اسٽوري ۾ اشنا شاهه چيو ته انوراگ ڪشيپ کان ٽپس وٺڻ جو مطلب اهو ناهي ته مان ان سان ڪنهن پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهيان، جڏهن ائين ٿيو ته ضرور ٻڌائينديس.