سنڌ ۾ گيس بحران برقرار، شهري عذاب ڀوڳڻ تي مجبور، احتجاج

ڪراچي: ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ سنڌ ۾ سياري جي مُند دوران گئس جو بحران برقرار آهي، جنهن ڪري شهري عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ گئس پريشر گهٽ هجڻ سبب گهريلو واهپيدار پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن

هوٽلن تي به گئس نه هجڻ سبب ڪوئلي ۽ ڪاٺين جو استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪوٽڙي ۾ شهري گئس جي بندش کان تنگ ٿي رستن تي نڪري آيا ۽ احتجاج ڪيو

شهرين جو چوڻ آهي ته گئس جي بندش سبب گهرن ۾ رڌ پچاءُ ڏکيو ٿي ويو آهي، شهرين طرفان گئس جي بندش ختم ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي