وزيراعظم، ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ غلطين جو اعتراف ڪندي شڪست مڃي ورتي

ڪراچي: وزيراعظم عمران خان ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ غلطين جو اعتراف ڪندي شڪست مڃي ورتي، بلدياتي چونڊن ۾ شڪست جو ڪارڻ پي ٽي آءِ طرفان غلط اُميدوارن جي چونڊ قرار ڏنو ويو آھي

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي ۾ غلطيون ٿيون، پي ٽي آءِ اُنهن غلطين جي قيمت به ادا ڪئي آهي، شڪست جو سڀ کان وڏو ڪارڻ غلط اُميدوارن جي چونڊ آهي، ڪي پي ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئين مرحلي لاءِ پي ٽي آءِ جي رٿابندي جي نگراني آئون پاڻ ڪندس، انشاءَ الله پي ٽي آءِ وڌيڪ مضبوط ٿي اُڀرندي