ڪراچي ۾ اومي ڪرون جو ٻيون ڪيس، مريض قرنطينا مان فرار

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ڏکڻ آفريقي قسم اومي ڪرون جو ٻيون ڪيس سامهون اچي ويو آهي.

صحت کاتي جي ذريعن موجب اومي ڪرون وائرس ۾ مبتلا 35 ورهين جو شخص برطانيا کان ڪراچي پهتو هو، رينڊم چيڪنگ ۾ ڄاڻايل شخص ۾ پهريان ڪورونا ۽ پوءِ اومي ڪرون جي تصديق ٿي، متاثر شخص کي صحت کاتي ايئرپورٽ کان شارع فيصل تي موجود خانگي هوٽل ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن ٻڌايو ته متاثر شخص ۾ جينوم سيڪوئنسنگ کان پوءِ اومي ڪرون جي تصديق ٿي.

حڪومت ڪيٽيگري سي ۽ اومي ڪرون وارن ملڪن تي سفري پابندي لڳائي ڇڏي آهي پر برطانيا ڪيٽيگري سي ۾ نٿو اچي.

اومي ڪرون متاثر شخص قرطينا مان فرار

ذريعن موجب اومي ڪرون متاثر شخص هوٽل جي قرنطينا مان فرار ٿي ويو، قرنطينا تي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ گھرو کاتي، پوليس ۽ لاڳاپيل ڊي سي جي ذميواري آهي.

ذريعن موجب خانگي هوٽل ۾ اڃا به ڪورونامتاثر 19 ڄڻا قرنطينا ۾ موجود آهن، نجي هوٽل ۾ متاثر قرنطينا ۾ آهن پر کين سيڪيورٽي اڃا به فراهم ناهي ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪورونا متاثر 19 مان 5 ڄڻجي جينوم سيڪوئنسنگ اڃا ٿيڻي آهي، سيڪيورٽي نه هجڻ ڪري هيل تائين 38 ڄڻا قرنطينا مان فرار ٿي چڪا آهن.