ڪراچي ۾ سائبيرين هوائون داخل، موسم ٿڌي ٿي وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ سائبيرين هوائون داخل ٿي ويون، جنهن کانپوءِ موسم ٿڌي ٿي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب موسم رات جي وقت به ٿڌي رهندي، جڏهن ته اولهه هوائن جو سسٽم في الحال پاڪستان تي اثرانداز نه پيو ٿئي.
موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران پشاور سميت خيبر پختونخواهه ۾ ٿڌ وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي اهو به چيو آهي ته گلگت بلتستان جي اترئين علائقن ۾ 4 کان 6 ڊسمبر دوران هلڪي برسات جو امڪان آهي.

Entering the Siberian airs in Karachi