ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند، عوام سخت پريشان

ڪراچي: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپس بند ٿيڻ سبب عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪراچي جي اڪثر علائقن ۾ پيٽرول پمپ بند ڪيا ويا آهن جن ۾ ڪلفٽن، لياقت آباد، صدر، سهراب ڳوٺ، آءِ آءِ چند ريگر روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ پمپس بند آهن

شهر جي جن علائقن ۾ پمپس کليل آهن اتي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته شهري گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن کان علاوه بوتلن ۾ پيٽرول خريد ڪري رهيا آهن

روزگار جي تلاش ۾ نڪتل شهرين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته پمپن جي بندش سبب پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ متاثر ٿي رهي آهي
ٻئي طرف اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ به اڪثر پيٽرول پمپس بند آهن، جنهن سبب شهري پيٽرول لاءِ سخت ڏکيائن کي منهن ڏئي رهيا آهن

پنجاب ۾ ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سڏ تي لاهور، سرگوڌا، گوجرانوالا، فيصل آباد، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ به پمپس بند آهن، سرگوڌا ۾ پمپ بند ٿيڻ سبب ناجائز منافعي خورن پيٽرول جا اگهه من پسندوصول ڪرڻ لڳا

پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته حڪومت مطالبا نه مڃيا ۽ ڊيلرز جو مارجن 6 سيڪڙو نه ٿيڻ تائين ڳالهيون نه ٿينديون، واپارين جو چوڻ هو ته حڪومت مطالبا مڃڻ جو واعدو ڪيو هو پر هن وقت تائين ڪو به رابطو ناهي ڪيو ويو