آمدني کان وڌيڪ اثاثا: خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه جي ضمانت منظور

سکر: سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي پٽ فرخ شاهه جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

احتساب عدالت پ پ جي صوبائي اسيمبلي ميمبر فرخ شاهه جي هڪ ڪروڙ رپين عيوض ضمانت جي درخواست منظور ڪئي.

واضح رهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ ايم پي اي فرخ شاهه 5 مهينن کان گرفتار ۽ جيل ۾ آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ضمانت منظوري تي فرخ شاهه کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ظلم جون زنجيرون ٽٽي رهيون آهن.