ناظم جوکيو قتل ڪيس: جوابدارن موبائيل فون کوهه ۾ اُڇلڻ جو اعتراف ڪري ورتو

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جاچ ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ٿي آھي، ايم پي اي جي ٻن گارڊز جاچ ٽيم اڳيان شهيد ناظم کي قتل ڪرڻ بعد سندس موبائيل فون کوهه ۾ اُڇلڻ جو اعتراف ڪري ورتو آھي

 پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جو موبائيل فون ميمڻ ڳوٺ ۾ 50 کان 60 فُٽ اونهي کوهه اندر اُڇليو ويو هو، کوهه ڪيترن ئي سالن کان خُشڪ آهي ۽ ماڻهو اُتي ڪچرو اُڇلي باهه ڏيندا آهن

پوليس موجب کوهه ۾ تپش سبب موبائيل فون هٿ اچي نه سگهيو، تپش گهٽجڻ بعد موبائيل فون هٿ ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي، پوليس کوهه ۾ ڪچرو اُڇلڻ ۽ باهه ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي، اُن کان اڳ جاچ ٽيم شهيد ناظم جي موبائيل فون جو رڪارڊ به هٿ ڪري ورتو هو